نيب چيئرمين کي گهرجي ته… پ پ اڳواڻن پنهنجو مطالبو رکي ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, March 16, 2019

نيب چيئرمين کي گهرجي ته… پ پ اڳواڻن پنهنجو مطالبو رکي ڇڏيو


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ فرحت الله بابر نيب چيئرمين کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فرحت الله بابر چيو ته نيب جي ڪاررواين کان هڪ رٽائرڊ بريگيڊيئر تنگ ٿي آپگهات ڪري ڇڏيو، ان جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي، نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جاچ مڪمل ٿيڻ تائين پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي. هن چيو ته گڏيل عرب امارتن پاڪستان کي ٻه ارب ڊالرن جو تيل ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو پر هاڻ پنهنجي واعدي تان ڇو پوئتي هٽي ويو، ان جا سبب ٻڌايا وڃن، نيب طرفان بلاول ۽ آصف زرداري کي ڪيس منتقلي جي حوالي سان ڪو نوٽيس نه مليو آهي. فرحت الله بابر چيو ته موجوده حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، هڪ پاسي اهي ماڻهو ڪالعدم تنظيمن خلاف ڪارروائي جون ڳالهيون ڪندا آهن ته ٻئي پاسي وري اهي ماڻهو مولانا مسعود اظهر کي بچائڻ لاءِ چين کان مدد وٺندا آهن. هن چيو ته نيب قانونن ۾ ترميم جي حوالي سان اپوزيشن پارٽين ۾ ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، بريگيڊيئر اسد منير جي آپگهات کانپوءِ نيب چيئرمين کي پاڻ ئي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، اسان اهو معاملو پارليامينٽ ۾ به اٿارينداسين. پ پ اڳواڻ نيئر بخاري چيو ته نيب هڪ فوجي آمر جو ٺاهيل قانون آهي، نيب قانون کان مٿانهون ناهي ۽ ان جو به احتساب ٿيڻ گهرجي، اسد منير جي آپگهات جو واقعو ننڍو ناهي، ان تي جي آءِ ٽي نه پر پارلياماني ڪميٽي کان جاچ ڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته حڪومت وٽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جو ڪو ويزن ناهي، اهي نيب کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

The post نيب چيئرمين کي گهرجي ته… پ پ اڳواڻن پنهنجو مطالبو رکي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages