ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال 23 مارچ تي پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات کي پاڪستان جي صدر عارف علوي طرفان تمغه امتياز ڏنو ويندو. مهوش حيات جي ڳڻپ انهن اداڪارائن ۾ ٿيندي آهي جن پنهنجي محنت سان پاڪستان جو نالو سموري دنيا ۾ روشن ڪيو، هوءَ ڪامياب پروجيڪٽس جو حصو بڻجي چڪي آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو اداڪارا کي اهو اعزاز ملڻ سان خوش نظر اچي رهيا آهن. مهوش حيات ٽوئٽر ذريعي هڪ مقامي ويب سائٽ کي تنقيد جو نشانو بڻايو، جنهن جو سبب اهو هو ته ان ويب سائٽ مهوش حيات کي اهو اعزاز ملڻ تي هڪ مضمون ڇاپيو هو جڏهن ته پنهنجي ٽوئٽ ۾ اداڪارا جي حوالي سان تڪراري جملا لکيا هئا. مهوش حيات ويب سائٽ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي لکيو ته توهان اهڙيءَ ريت پنهنجن فنڪارن جي ڪاميابي جو جشن ملهائيندا آهيو؟ اهو مضمون هٽايو ۽ معافي گھرو نه ته توهان خلاف قانوني ڪاروائي ڪنديس. ان کان پوءِ شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ شخصيتن مهوش حيات جو ساٿ ڏيندي ان ويب سائٽ کي وڌيڪ نتقيد جو نشانو بڻايو. اداڪارا ماهرا خان لکيو ته اهڙي طريقي ڪلڪس حاصل ڪرڻ جو اهو طريقو بند ڪريو. همايون سعيد مهوش حيات جو ساٿ ڏيندي لکيو ته هن اهو اعزاز پنهنجي محنت سان حاصل ڪيو آهي. عثمان خالد بٽ لکيو ته مهوش حيات توهان جو ڪم ڪاميابي کي پاڻ بيان ڪندو آهي. اظهر رحمان پڻ سندس جي حق ۾ ٽوئٽ ڪيو.
The post اداڪارا مهوش طرفان مقامي ويب سائٽ کي ڇنڊ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment