ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, March 16, 2019

ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر سال 2018ع جا انڪم ٽيس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريزخ ۾ 31 مارچ تائين واڌ ڪري ڇڏي. نئين بجيٽ لاءِ ڪسٽمز بابت ٽيڪس تجويزون به طلب ڪيون آهن. فيڊرل بورڊ آف ريونيو طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ 31 مارچ تائين واڌ ٽيڪس ڏيندڙ جي سهولت لاءِ ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 31 ڊسمبر 2018ع هئي، مختلف ڪمپنين، ماڻهن ۽ ايسوسيئيشن آف پرسنز ان واڌ مان فائدو وٺي سگھندا. مالي سال 2019ع ۽ 2020ع جي بجيٽ لاءِ ڪسٽمز بابت ٽيڪس تجويز طلب وئي وئي آهي. ايف بي آر تجويزون 25 مارچ تائين جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

The post ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages