چيف سيڪريٽري پنجاب مسئلو حل ڪري نه ته نتيجا ڀوڳي… - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, March 14, 2019

چيف سيڪريٽري پنجاب مسئلو حل ڪري نه ته نتيجا ڀوڳي…


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ گوجرانوالا ۾ ڇوڪرين جي اسڪول تي حددخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي پنجاب جي چيف سيڪريٽري يوسف نعيم کوکر کي سڀاڻي تائين مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ٻڌڻي جي شروعات ۾ 3 رڪني عدالتي بئنچ پڇاڻو ڪيو ته تعليم کاتي کي عطيو ڪيل زمين تي ٺاهيل حددخليون ريگيولرائز ڪيئن ٿيون. عدالتي بئنچ وڌيڪ پڇيو ته ٽرسٽ جي زمين تي ڪچي آبادي ڪيئن ٺهي وئي؟ ٻڌڻي دوران عدالتي بئنچ جي رڪن جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ٽرسٽ جي زمين کي ريگيولرائز ڪرڻ غير قانوني آهي. عدالت ۾ موجود ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل فيصل چوڌري ٻڌايو ته حڪومت تعليم کاتي کي متبادل زمين ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جنهن تي جسٽس گلزار احمد پڇاڻو ڪيو ته اسڪول لاءِ زمين 13 ڪلو ميٽر پري ڏيڻ جو ڪهڙو جواز آهي. جسٽس گلزار احمد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا حڪومت اسان کي لالي پاپ ڏئي رهي آهي؟ توهان ڪچي آبادي کي منتقل ڇو نٿا ڪيو؟ ٻار 13 ڪلو ميٽر پري ڪيئن ويندا؟ هن اختيارين طرفان غير قانوني ڪارروائين ۾ ملوث عهديدارن خلاف آگاهه ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. جسٽس گلزار احمد خبردار ڪيو ته پنجاب جو چيف سيڪريٽري مسئلو حل ڪري، نه ته نتيجا ڀوڳي. هن ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن چيف سيڪريٽري هڪ ننڍو مسئلو به حل نٿو ڪري سگهي ته هو عهدي تي ڇو آهي؟ پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

The post چيف سيڪريٽري پنجاب مسئلو حل ڪري نه ته نتيجا ڀوڳي… appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages