وزيراعظم جي پگهار ڪنهن کان گهٽ آهي…؟ ڄاڻي توهان کي به حيراني ٿيندي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, March 14, 2019

وزيراعظم جي پگهار ڪنهن کان گهٽ آهي…؟ ڄاڻي توهان کي به حيراني ٿيندي


لاهور (ويب ڊيسڪ) عام طور تي وزيراعظم جي پگھار وزيرن کان وڌيڪ هوندي آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پگھار وڏن وزيرن ۽ وزيرن کان گھٽ آهي؟ وزيراعظم عمران خان جي بنيادي پگھار هڪ لک ست هزار 280 رپيا آهي، جڏهن ته ٻيا الائونس ڌار آهن. وزيراعظم کي مهمانداري لائونس 50 هزار رپيا، جڏهن ته ايڊهاڪ رليف لائونس 21 هزار 456 رپيا ملندو آهي، کيس ٻه وڌيڪ ايڊهاڪ رليف الائونس ملندا آهن، جن مان هڪ 12 هزار 110 رپيا ۽ ٻيو 10 هزار 728 رپين جو آهي. وزيراعظم جي پگھار مان 4 هزار 595 رپين جو ٽيڪس ڪَٽيو ويندو آهي، جڏهن ته سيلري سلپ موجب وزيراعظم کي ٽيڪس ڪٽوتي بعد هڪ لک 96 هزار 979 رپيا پگھار ملندي آهي پر ان جي ڀيٽ ۾ وفاقي وزيرن جي پگھار اڍائي لک رپين جي لڳ ڀڳ آهي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير جي پگھار 3 لک 50 هزار رپيا آهي. وزيراعظم جي ڀيٽ ۾ پنجاب جي هڪ اسيمبلي ميمبر جي پگھار تقريبن ٻه لک آهي.

The post وزيراعظم جي پگهار ڪنهن کان گهٽ آهي…؟ ڄاڻي توهان کي به حيراني ٿيندي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages