دبئي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وقتي ڪپتان شعيب ملڪ جي گهرواري ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا آگسٽ تائين ٽينس ڪورٽ ۾ واپسي جو ارادو ڪري ورتو. ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ثانيا مرزا ٻڌايو ته ٽينس ڪورٽ ۾ واپسي لاءِ هڪ سال اڳ واري جسماني فٽنس حاصل ڪنديس جنهن لاءِ دبئي ۾ هرروز 4 کان 5 ڪلاڪ ٽريننگ ڪري رهي آهيان، هڪ ڀيرو مڪمل طور فٽ ٿي وڃان ته فوري طور ٽينس ۾ واپسي ڪنديس. سندس چوڻ هو ته آئون ٽينس تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهيان ڇاڪاڻ ته ٽن آپريشنن سبب تمام گهڻو محتاط رهڻو پوندو آهي، اذهان جي پيدائش کان پوءِ ٽن مهينن ۾ 22 ڪلو وزن گهٽايو آهي، اهڙي ريت پنهنجو وزن 89 ڪوگرام مان 67 ڪلوگرام ڪري ورتو آهي. ثانيا مرزا چيو ته منهنجو ٽارگيٽ آگسٽ تائين ٽينس ڪورٽ ۾ واپسي ڪرڻ آهي جڏهن ته يو ايس اوپن کان ٻه هفتا اڳ مقابلن ۾ حصو وٺنديس. ٽينس اسٽار جو چوڻ هو ته واپسي جي ڪا به جلدي ناهي ممڪن آهي ته جون کان واپسي ڪريان يا وري آگسٽ تائين ايڪشن ۾ نظر اچان. واضح رهي ته گذريل سال شعيب ملڪ ۽ ثانيا مراز جي گهر ننڍڙي مهمان اذهان جي آمد ٿي هئي جنهنڪري ثانيا مرزا ٽينس تان وقفو ورتو هو.
The post ثانيا مرزا ٽينس ڪورٽ ۾ واپسي لاءِ سخت محنت ڪرڻ لڳي….. appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment