ايل اين جي اسڪينڊل ۾ هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان: شيخ رشيد - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, March 15, 2019

ايل اين جي اسڪينڊل ۾ هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان: شيخ رشيد


راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري شيخ رشيد چيو آهي ته آئون اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ خلاف ايل اين جي اسڪينڊل ۾ هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.  نيب راولپنڊي جي آفيس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ريلوي واري وزير چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جانبداري جو مظاهرو ڪندي ٺيڪي جي منظور ڏني، مان نيب کي صاف چئي ڇڏيو آهي ته منهنجي نيت صاف آهي ۽ ڪا به چالاڪي ناهيان ڪري رهيو.  شيخ رشيد چيو ته اهو تاثر ڏنو ويو ته معاهدو ٻن ملڪن وچ ۾ ٿيو جيڪو غلط آهي، ڄاڻي واڻي قطر سان مهانگن اگهن تي ايل اين جي معاهدو ڪيو ويو، هي قوم کي بيوقوف بڻائيندا رهيا آهن.  ريلوي واري وزير چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڏنل ثبوت نيب آفيس ۾ پنهنجي صحيح سان جمع ڪرايا آهن، اسڪينڊل ۾ شاهد خاقان عباسي مک ڪردار رهيو آهي، ايل اين جي درآمد سان قومي ناڻي کي اربين رپين جو نقصان ٿيو ملڪ کي بيدردي سان لٽيو ويو آهي .  سندس چوڻ هو ته بلاول مٿس تنقيد ڪري رهيو آهي، بلاول کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته مان وزارت جو بکيو ناهيان، مان ٽوئيٽ ناهيان ڪندو، جنهن ڏينهن ٽوئيٽ ڪئي بلاول تي ڪندس.

The post ايل اين جي اسڪينڊل ۾ هر قسم جو سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيان: شيخ رشيد appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages