ڀارت دوستي قبول نه ڪئي ته هٿ مڪو به بڻجي سگهي ٿو: اسد عمر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, March 15, 2019

ڀارت دوستي قبول نه ڪئي ته هٿ مڪو به بڻجي سگهي ٿو: اسد عمر


اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڀارت سان دوستي جو هٿ وڌائڻ چاهيون ٿا پر ڀارت دوستي قبول نه ڪئي ته هٿ مڪو به بڻجي سگهي ٿو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته پاڪستان سمورن ملڪن سان امن چاهي ٿو، پاڪستان ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو، وزيراعظم چيو ته ڀارت هڪ وک اڳتي وڌندو ته پاڪستان ٻه وکون اڳتي وڌندو، پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته اسان افغانستان سان امن چاهيون ٿا ۽ پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،  پاڪستان کي نه رڳو دنيا سان جوڙڻ چاهيون ٿا پر ٻئي دنيا سان واپاري لاڳاپا به قائم ڪرڻ چاهيون ٿا.  سندس چوڻ هو ته چين سان لانگ ٽرم واپاري لاڳاپا قائم ڪيا آهن، ترڪي سان به ٽريڊ فريم ورڪ طئي ڪيو ويو، جڏهن ته افغانستان سان به لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن پر ايران سان بدقسمتي سان واپار نه وڌيو آهي، ايران ۽ افغانستان کي علائقي ترقي جي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي حق ۾ آهيون.  اسد عمر چيو ته پلواما حملي جو تعلق ڀارت جي اندروني سياست سان آهي، آءِ ايم ايف سان قرض جي رقم اڃا طئي نه ٿي آهي، آءِ ايم ايف جو مشن چيف 26 ۽ ايشيا پيسفڪ جو وفد 25 مارچ تي پاڪستان اچي رهيو آهي.

The post ڀارت دوستي قبول نه ڪئي ته هٿ مڪو به بڻجي سگهي ٿو: اسد عمر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages