واٽسن سان ڏند چڪ ، سوشل ميڊيا واهپيدارن امام الحق کان معافي جو مطالبو  ڪري ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, March 18, 2019

واٽسن سان ڏند چڪ ، سوشل ميڊيا واهپيدارن امام الحق کان معافي جو مطالبو  ڪري ڇڏيو


ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ميچ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر امام الحق کي آسٽريلوي رانديگرن شين واٽسن غيراخلاقي رويي تي سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.  فائنل ميچ دوران ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو آسٽريلوي رانديگر شين واٽسن 7 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو ته پشاور زلمي جو امام الحق ساڻس چڙڏياريندڙ ۽ غيراخلاقي رويي سان پيش آيو ۽ واٽسن کي هٿ جي اشاري سان ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو جنهن کي گرائونڊ ۾ موجود هزارين تماشائين ۽ ٽي وي اسڪرين ڪروڙين ماڻهن ڏٺو.  امام الحق جي اهڙي حرڪت تي کيس ڪرڪيٽ شوقينن طرفان ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. شوقينن جو چوڻ آهي ته امام الحق جو رويو ڪنهن طور به مناسب نه هو، کيس مهمان رانديگر سان اهڙو سلوڪ نه ڪرڻ گهرجي ها. سوشل ميڊيا تي هڪ صارف لکيو ته پاڪستان اچڻ لاءِ ڪو به تيار نه هو تڏهن انهن عالمي ستارن پاڪستان اچي پاڪستان کي عزت ڏني ۽ وري انهن ستارن کي عزت ڏيڻ بدران بي عزت ڪرڻ جي ڪوشش قبول ڪرڻ جوڳي ناهي، پي سي بي امام الحق خلاف ايڪشن کڻي. هڪ صارف لکيو ته امام الحق جو چاچو چيف سليڪٽر آهي، تنهنڪري سندس ڪير ڇا ٿو بگاڙي سگهي، سوشل ميڊيا تي مداحن امام الحق کان پنهنجي حرڪت تي معافي وٺڻ جو به مطالبو ڪيو آهي. هوڏانهن فائينل ميچ دوران تماشائين به امام الحق جي اهڙي رويي تي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ اوپنر خلاف نعريبازي پڻ ڪئي.  شروعات ۾ امام الحق سمجهو ته تماشائي کيس سپورٽ ڪري رهيا آهن ته پر جڏهن اصل معاملو سمجهه ۾ آيو ته هن هٿ ٻڌي مداحن کان چپ رهڻ جي درخوست ڪئي.

The post واٽسن سان ڏند چڪ ، سوشل ميڊيا واهپيدارن امام الحق کان معافي جو مطالبو  ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages