اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) هوا بازي واري وفاقي وزير محمد ميان سومري چيو آهي ته پي آءِ اي جي بحالي لاءِ مضبوط پلان تيار ڪيو پيو وڃي، قومي ايئر لائن جو بزنس پلان ٽن هفتن ۾ پيش ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد ميان سومري چيو ته نئين ايوي ايشن پاليسي ڪابينا ۾ پيش ڪئي ويندي، نئين ايوي ايشن پاليسي مشوري سان تيار ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پرڏيهي ايئر لائنز آپريشن شروع ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿيون، پي آءِ اي جي بحالي لاءِ مضبوط پلان تيار ڪيو پيو وڃي، پي آءِ اي جو بزنس پلان ٽن هفتن ۾ پيش ڪيو ويندو. وفاقي وزير صحافي جي سوال آصف زرداري جي امڪاني گرفتاري بعد ڇا سنڌ ۾ حڪومت بڻائيندا جو جواب ڏيندي چيو ته جوڙ جوڙ جو عمل هميشه جاري رهندو آهي، سنڌ ۾ حڪومت جي تبديلي جا ڪيترائي طريقا آهن.
The post پي آءِ اي جي بحالي جو منصوبو ٽن هفتن اندر پيش ٿيندو: محمد ميان سومرو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment