ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پ پ اڳواڻ نفيسا شاهه چيو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي گرفتار ڪري هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ رکيو ويو آهي، جيڪا هڪ اسيمبلي نه پر سموري اسيمبليءَ جي تذليل آهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نفيسا شاهه چيو ته نيب جو قانون اسان کي قبول ناهي، عام شهرين ۽ ڪاروباري شخصيتن کي ننڍن ننڍن ڪمرن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته نيب آغا سراج دراني جي خاندان سان سٺو رويو نه رکيو، اهڙو ورتاءُ ته قتل جي جوابدارن سان به نه ڪيو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته ريلوي ۽ سڌ سماءَ وارو وزير پابندي مڙهيل تنظيمن جي مددگار بڻيل آهن، حڪومت جي ٻٽي پاليسي ختم ٿيڻ گهرجي. نفيسا شاهه چيو ته پيپلز پارٽي گرفتارين کان ڪڏهن نه ڊڄندي آهي، اصل ڪرپشن ڪندڙن کي ڪو به نه پڪڙي رهيو آهي، نيب سياسي مهري طور استعمال ٿي رهيو آهي. هن چيو ته نيب اڻڌريو ادارو آهي، نيب جو قانون ڪارو قانون آهي، هن وقت هر ڪيس اسلام آباد موڪليو پيو وڃي.
The post آغا سراج دراني کي ننڙي ڪمري ۾ قيد رکيو ويو آهي: نفيسا شاهه appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment