ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل سال عيدالعضحيٰ جي موقعي تي رليز ڪيل فهد مصطفيٰ ۽ مهوش حيات جي سماجي مسئلي تي ٺهيل فلم “لوڊ ويڊنگ” جي ٽيم الزام مڙهيو هو ته هنن جي فلم کي سينيما مالڪن سٺو وقت نه ڏنو. هدايتڪار نبيل قريشي الزام مڙهيو هو ته سينيما مالڪن سندس فلم ٻين پاڪستان فلمن جي ڀيٽ ۾ گھٽ هلائي.“لوڊ ويڊنگ” سان گڏ آگسٽ 2018ع ۾ فهد مصطفيٰ ۽ همايون سعيد جي “جواني ڦر نهين آني2” ۽ “پرواز هي جنون” کي به رليز ڪيو ويو هو. “لوڊ ويڊنگ” فلم جي ٽيم الزام لڳايو هو ته سينيما مالڪن هنن جي فلم جي ڀيٽ ۾ ٻين فلمن جا شو گھڻا ڏيکاريا، جنهن سبب هنن جي فلم نه رڳو گھٽ ڪمائي ڪئي پر عوام به ان فلم کي ڏسڻ کان محروم رهيو. جيتوڻيڪ “لوڊ ويڊنگ” باڪس آفيس تي رڪارڊ ڪمائي نه ڪئي هئي، پر ان فلم جي ڪهاڻي سبب گھڻو ان فلم کي ساراهيو ويو هو. فلم جي ڪهاڻي شادي لاءِ ڏاج جهڙي مسئلي تي ٻڌل آهي جيڪا پاڪستاني سماج ۾ هڪ ناسو جيان آهي. فلم ۾ فهد مصطفيٰ ۽ مهوش حيات مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. گذريل سال ان فلم کي سينيما گھرن ۾ گھٽ موقعو ملڻ بعد فلم جي ٽيم ان کي ٻيهر سينيما گھرن ۾ رليز ڪري ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن موجب لوڊ ويڊنگ کي سموري پاڪستان جي سنيمائن ۾ 15 مارچ کان رليز ڪيو ويو . پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته “لوڊ ويڊنگ” سان گڏ “جواني ڦر نهين آني2” ۽ “پرواز هي جنون” کي به ٻيهر رليز ڪيو ويو آهي.
The post فلم “لوڊ ويڊنگ” ٻيهر رليز appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment