اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (ڊي ايڇ اي) جي آڊٽ ۾ ناڪاميءَ تي وفاقي حڪومت کي ڇنڊ پٽيندي ريمارڪس ڏنا آهي ته لڳي ٿو ڊي ايڇ اي حڪومت اندر هڪ حڪومت آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڊي ايڇ اي جي آڊٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي ججن حڪومت ۽ هائوسنگ اٿارٽي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته عدالت ڊي ايڇ اي جي آڊٽ جو حڪم ڏنو هو، آڊٽ نه ڪرائي ڊي ايڇ اي عدالت جي توهين ڪري رهي آهي، ڊي ايڇ اي کي آڊٽ ۾ مسئلو ڪهڙو آهي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وفاقي حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڇا عدالت حڪومت کي قانون پڙهائيندي؟ حڪومت لکي ڏئي ته ان کي قانون سمجهه ۾ نٿو اچي. هوڏانهن عدالت جي حڪم جي پيروي نه ڪرڻ تي جسٽس گلزار احمد چيو ته ڇا عدالت حڪومت جي متبادل آهي؟ هن چيو ته هر ڪم ۽ حڪم عدالت کي ئي ڇو ڏيڻو پوندو آهي؟ ڇا حڪومت سپريم ڪورٽ جي حوالي ڪئي وئي آهي؟ لڳي ٿو ڊي ايڇ اي حڪومت جي اندر هڪ حڪومت آهي. ٻڌڻي ۾ ڊي ايڇ اي طرفان پيش ٿيندڙ وڪيل تياري لاءِ وقت گهريو، جنهن تي عدالت ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
The post هر ڪم ۽ حڪم عدالت کي ئي ڇو ڏيڻو پوندو آهي…؟ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment