نواجوانن جي دوستي ۽ رومانوي ڪهاڻي تي ٻڌل پاڪستاني ويب سيريز - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, March 15, 2019

نواجوانن جي دوستي ۽ رومانوي ڪهاڻي تي ٻڌل پاڪستاني ويب سيريز


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فلمن ۽ ٽيلي ويزن ڊامن جي مقبوليت کان پوءِ هاڻي ڪيترن سالن کان ماڻهن ۾ ويب سيريز جو رجحان وڌندي نظر اچي رهيو آهي. انهن ويب سائٽن جي سڀ کان خاص ڳالهه اها آهي ته انهن ۾ اهي سماجي مسئلا پيش ڪيا ويندا آهن جيڪي گھڻو ڪري ڊرامن ۾ ناهن ڏيکاريا ويندا. انهن ويب سيريزن جي بجٽ به ڊرامن کان گھڻي گھٽ هوندي آهي پر انهن جون ڪهاڻيو گهڻو متاثر ڪندڙ ثابت ٿي رهيون آهن. اهڙي ئي هڪ نئين ويب سيريز پاڪستاني ويڊيو اسٽريمنگ پليٽ فارم وڊلي طرفان ٺاهي وئي آهي جنهن جو نالو “آءِ فرينڊشپ يو” رکيو ويو آهي. اها ويب سيريز ماريا جاويد ٺاهي آهي. هن وقت تائين ان ويب سيريب جون ٻه قسطون رليز ٿي چڪيون آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ان جي ڪهاڻي ٻن نوجوانن جي دوستي ۽ رومانوي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي. ان ويب سيريز جي ڪهاڻي نيويارڪ سان واسطو  رکندڙ حريم (اريشا زينب) تي ٻڌل آهي جيڪا 17 سالن کان پوءِ پاڪستان اچي ٿي. پهرين قسط ۾ حريم پنهنجي ماءُ  کي سندس پاڪستان وڃڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ راضي ڪري ٿي جنهن کان پوءِ هوءَ پاڪستان ۾ پنهنجي ناني ۽ نانِي سان ملاقات ڪري ٿي ۽ پنهنجي اسڪول پهچي نوان دوست ٺاهي ٿي. ان ويب سيريز ۾ سرمد کوسٽ به ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن جو ٽريلر متاثر ڪندڙ آهي.

The post نواجوانن جي دوستي ۽ رومانوي ڪهاڻي تي ٻڌل پاڪستاني ويب سيريز appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages