دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ٻاويهه سال اڳ اڄوڪي ڏينهن تي پاڪستان جي عظيم اوپنر سعيد انور ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سڀ کان وڏي انفرادي اسڪور ٺاهڻ جو ريڪارڊ قائم ڪيو هو.
21 مئي 1997ع تي پاڪستاني بيٽسمين سعيد انور ڀارت خلاف ميچ کيڏندي ڪرڪيٽ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي اننگز کيڏي هئي.
#OnThisDay in 1997, Saeed Anwar broke the record for the highest individual score in an ODI by hitting 194 off 146 balls against India! pic.twitter.com/z73QLhi63B
— ICC (@ICC) May 21, 2019
22 سال اڳ جدم برم اسٽيڊيم، چنائي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستاني اوپنر سعيد انور ۽ شاهد آفريدي اننگز جي شروعات ڪئي پر شاهد آفريدي رڳو پنج رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو هو.
سعيد انور پنهنجي تاريخي اننگز دوران 146 بال کيڏندي پنجن ڇڪن ۽ ٻاويهه چوڪن جي مدد سان 194 رنسن جي اننگز کيڏي پر رڳو ڇهن رنسن جي فرق سان هو ون ڊي ڪرڪيٽ جي پهرين ڊبل سينچري اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو.
ڀارتي بالر پرساد، ڪمبلي، جوشي، سنگهه، ٽنڊولڪر به بالنگ جا جوهر ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پر سعيد انور ڪنهن ک به نه بخشيو.
اها ميچ پاڪستان جي تاريخ جي يادگار ترين ميچن منجهان هڪ بڻجي وئي جنهن ۾ پاڪستان 35 رنسن تي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.
واضح رهي ته سعيد انور جو اهو ريڪارڊ سڀ کان پهريان عظيم ڀارتي بيٽسمين سچن ٽنڊولڪر ٽوڙيو جنهن 2010ع ڏکڻ آفريڪا خلاف ون ڊي انٽرنيشنل ۾ پهرين ڊبل سينچري اسڪور ڪئي.
هن وقت سڀ کان وڏي انفرادي اننگز جو ريڪارڊ ڀارت جي روهت شرما وٽ آهي جنهن سال 2014ع ۾ سريلنڪا خلاف 264 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي اهڙو اعزاز حاصل ڪيو جڏهن ته هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ پڻ سڀ کان وڌيڪ 3 ڊبل سينچريون هڻڻ جو اعزاز به سندس وٽ ئي آهي.
عالمي ڪرڪيٽ ۾ هن وقت تائين 8 ڊبل سينچريون لڳي چڪيون آهن، جن ۾ پهريون چارئي ڊبل سينچريون ڀارتي بيٽسمينن طرفان اسڪور ڪيون ويون، ڊبل سينچري هڻڻ وارن رانديگرن ۾ سچن ٽنڊولڪر، وريندر سهواگ، روهت شرما( 3 دفعا) ڪرس گيل، مارٽن گپٽل ۽ فخر زمان شامل آهن.
The post سعيد انور جي تاريخي اننگز جا 22 سال appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment