آصف زرداري جي اٺين ڪيس ۾ به عبوري ضمانت منظور - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 21, 2019

آصف زرداري جي اٺين ڪيس ۾ به عبوري ضمانت منظور


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اٺين ڪيس ۾ ٻه لک رپين جي مچلڪن عيوض 13 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.

پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نيب هڪ ٻي انڪوائري ۾ 23 مئي تي طلب ڪيو آهي ۽ گرفتاري جو خدشو آهي، تنهن ڪري عدالت ضمانت منظور ڪري نيب کي گرفتاري کان روڪي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ ٻه رڪني بئنچ اڳوڻي صدر جي اٺين ڪيس ۾ 2 لک رپين جي مچلڪن عيوض 13 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.

واضح رهي ته آصف علي زرداري 7 مختلف ڪيسن ۾ اڳ ئي عبوري ضمانت تي آهي.

The post آصف زرداري جي اٺين ڪيس ۾ به عبوري ضمانت منظور appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages