اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن نيب چيئرمين جاويد اقبال کي ڌر قرار ڏيندي چيو آهي ته سياستدانن کي بدنامو ڪيو پيو وڃي جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿيندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته شهباز شريف جي نيب چيئرمين سان ڪا ملاقات نه ٿي آهي، نيب چيئرمين سان اها ڳالهه ڳنڍي وئي ته نواز شريف به رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته چئن ڏينهن کان نيب بابت جيڪو ٿي رهيو آهي تنهن تي ڳڻتي آهي. سندس چوڻ هو ته نيب ڪامورا شاهي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، عليم خان جي ضمانت ٿي وڃي ٿي فواد حسن فواد ۽ احد چيما کي ضمانت نه ٿي ملي. شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ جاويد چوڌري جي ڪالم جي ڪابه ڳالهه نه ڪئي، نيب جي پيدا ڪيل مسئلن جو جواب ڪير ڏيندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته نيب چيئرمين چيو ته واپارين کي تنگ نه ڪندو پر سياستدانن کي بخش نه ڪندو، ميڊيا سامهون ڊگهي تقرير ڪئي وئي. هن چيو ته نيب چيئرمين جي اداري ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو تنهن جو جائزو وٺي، جيڪو سوالنامو موڪليو وڃي ٿو تنهن کي ويب سائيٽ تي رکيو وڃي ته جيئن قوم کي خبر پئجي سگهي. هن چيو ته مان چوندس ته اهو سوالنامو وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا کي به موڪليو وڃي.
The post نيب جي پاليسين سان ملڪ کي نقصان ٿيندو: شاهد خاقان عباسي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment