اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا مان خاص جهاز ذريعي 51 ۽ يونان مان 13 پاڪستاني شهرين کي اميگريشن اختيارين حوالي ڪيو ويو.
آمريڪا ۽ يونان ۾ غير قانوني طور رهندڙ 64 پاڪستاني شهري ڊي پورٽ ڪيا ويا آهن ۽ سمورن ماڻهن کي خاص چارٽرڊ جهاز ذريعي اسلام آباد موڪليو ويو، آمريڪا مان 51 ۽ يونان مان 13 شهرين کي اميگريشن اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪا مان بي دخل ڪيل ڪجهه پاڪستاني ننڍن ڏوهن ۽ چند سفري دستاويز مڪمل نه هجڻ سبب اٿارٽيز جي تحويل ۾ هئا، ڊي پورٽ ڪيل ماڻهن کي خاص چارٽرڊ جهاز ۾ نيو اسلام آباد ايئرپورٽ پهچايو ويو، جتي اميگريشن اختيارين کين تحويل ۾ وٺي انهن جي رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي، جنهن کانپوءِ سمورن ماڻهن کي وڌيڪ جاچ لاءِ انساني اسمگلنگ جي خاتمي واري سيل منتقل ڪيو ويو آهي.
The post آمريڪا ۽ يونان مان بي دخل ڪيل 64 پاڪستانين جي ڏيهه واپسي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment