خادم رضوي آزاد ٿي ويو… - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 15, 2019

خادم رضوي آزاد ٿي ويو…


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه خادم رضوي کي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪيو ويو.

گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ ٽي ايل پي سربراهه خادم رضوي ۽ مرڪزي اڳواڻ پير افضل قادري جي ضمانت جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي 15 جولاءِ تائين ٻنهي جي ضمانت منظور ڪندي سندن آزادي جو حڪم ڏنو هو.

هاءِ ڪورٽ درخواست گذارن کي 5-5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو هو، عدالتي حڪم ملڻ کانپوءِ ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ڪندي خادم رضوي کي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪيو ويو.

The post خادم رضوي آزاد ٿي ويو… appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages