اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون.
وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب وزيراعظم عمران خان سان پاڪ فوجي جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ ملڪي سلامتي ۽ سيڪيورٽي صورتحال سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
The post وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment