نيب چيئرمين کي انٽرويو ڏيڻ جو ڪو حق ناهي: آصف زرداري - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 21, 2019

نيب چيئرمين کي انٽرويو ڏيڻ جو ڪو حق ناهي: آصف زرداري


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ماڻهن کي هٿڪڙيون هڻو، جيلن ۾ وجهو پوءِ چون ٿا ته معيشت به هلايو.  احتساب عدالت ٻاهران ميِڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته 80 ورهين جي پيرسن ماڻهن کي عدالت ۾ آندو پيو وڃي،  هٿڪڙيون هڻي جيلن ۾ وڌو وڃي ٿو. هن چيو ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين جوابدار عدالت جو پسنديده ٻار هوندو آهي، اڃا ته ڏوهه ڪو به ناهي، اڃا ته ڪنهن خلاف ڏوهه ثابت نه ٿيو آهي، اڃا ته هي سوچي رهيا آهن.  آصف زرداري چيو ته نيب چيئرمين کي انٽرويو ڏيڻ جو حق ناهي، سندس عهدو کيس انٽرويو ڏيڻ جي اجازت نه ٿو ڏي. هن چيو ته جيڪڏهن نيب چيئرمين انٽرويو ڏنو ته قانوني ڪارروائي ڪنداسين. صحافي سوال ڪيو ته نون مهينن تائين مخالف ڌر جو اتحاد مضبوط نه ٿيو آهي، هاڻي ڇا ٿيندو، جنهن تي آصف زرداري چيو ته نون مهينن ۾ اسان ايئن سوچو ئي ناهي. مريم نواز طرفان وزيراعظم کي جعلي قرار ڏيڻ جي بيان بابت سوال تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته مان ته شروع ۾ ئي چيو هو ته سليڪٽڊ وزيراعظم آهي.

The post نيب چيئرمين کي انٽرويو ڏيڻ جو ڪو حق ناهي: آصف زرداري appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages