![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2019/05/data-darbaar.jpg)
![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2019/05/data-darbaar.jpg)
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) سي ٽي ڊي داتا درٻار آپگهاتي حملي جي هڪ مددگار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. سي ٽي ڊي ذريعن موجب مبينا مددگار حسن خان کي ڀاٺي گيٽ جي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو ۽ چارسده جي علائقي شبقدر جو رهواسي آهي. ذريعن موجب آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ صادق الله مهمند جي نالي سان ٿي آهي. سي ٽي ڊي ذريعن موجب آپگهاتي بمبار افغانستان جو رهواسي هو ۽ افغان پاسپورٽ تي 6 مئي تي طورخم سرحد کان پاڪستان ۾ داخل ٿيو. آپگهاتي بمبار صادق الله کي طيب الله نالي شخص طورخم سرحد کان لاهور پهچايو جتي ٻنهي ست مئي تي مددگار محسن ۽ نور زيب جي گهر قيام ڪيو.
The post داتا درٻار حملي جو هڪ مددگار گرفتار، بمبار جي سڃاڻپ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment