پرويز مشرف منجمد اڪائونٽن مان پئسا ڪيئن ڪڍرايا…؟ ايف آءِ اي کان جواب طلب - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 15, 2019

پرويز مشرف منجمد اڪائونٽن مان پئسا ڪيئن ڪڍرايا…؟ ايف آءِ اي کان جواب طلب


 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عدالت ايف آءِ اي کان جواب طلب ڪيو آهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف منجمد بئنڪ اڪائونٽن مان ڪيئن پئسا ڪڍرايا.

راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج اصغر خان بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اشتهاري جوابدار اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي منجمد اڪائونٽن مان پئسا ڪڍرائڻ جو نوٽيس ورتو آهي ۽ عدالت آءِ اي کي نوٽيس به موڪليو آهي.

عدالت ايف آءِ اي کان جواب طلب ڪيو آهي ته پرويز مشرف منجمد اڪائونٽن مان رقم ڪيئن ڪڍرائي، جڏهن ته عدالت جوابدارن جي سموري ڄاڻايل ۽ اڻ ڄاڻايل ملڪيت، بئنڪ اڪائونٽن جا مڪمل تفصيل پيش نه ڪرڻ جو به نوٽيس وٺندي 15 جون تائين ٻنهي وضاحتن تي جواب پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

The post پرويز مشرف منجمد اڪائونٽن مان پئسا ڪيئن ڪڍرايا…؟ ايف آءِ اي کان جواب طلب appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages