![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2019/05/dr-faisal.jpg)
![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2019/05/dr-faisal.jpg)
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به ٻاهرين جارحيت خلاف سعودي عرب سان گڏ بيٺو آهي.
پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان سعودي عرب ۾ آئل پمپس تي ڊرون حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو.
ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪنهن به ٻاهرين جارحيت خلاف سعودي عرب سان گڏ بيٺو آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سعودي عرب سان سهڪار ڪنداسين، پاڪستان دهشتگردي جي هر صورت جي مذمت ڪري ٿو.
واضح رهي ته سعودي عرب جي توانائي واري وزير خالد الفالح گذريل ڏينهن بندرگاهه ينبع البحر ۾ تيل جي پمپنگ اسٽيشن جي پائپ لائن نمبر 8 ۽ 9 تي دهشتگردن طرفان ٻن ڊورن حملن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو هو ته حملن ۾ ڪنهن به قسم جو جاني توڙي مالي نقصان نه ٿيو.
The post سعودي عرب سان گڏ بيٺا آهيون: پاڪستان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment