لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت ڊاڪٽر سلمان شاهه کي وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
پنجاب حڪومت سلمان شاهه جي وڏي وزير جي صلاحڪار طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب سلمان شاهه کي تُرت ذميوري سنڀالڻ جي به هدايت ڪئي آهي.
ڊاڪٽر سلمان شاهه اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حڪومت ۾ ناڻي وارو صلاحڪار رهي چڪو آهي.
وفاقي حڪومت معاشي ماهر عبدالحفيظ شيخ کان پوءِ پنجاب ۾ به معاشي ماهر آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن تحت گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير جي ناڻي بابت صلاحڪار اڪرم چوڌري پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏني هئي کيس پنجاب فوڊ اٿارٽي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي پر هن معذرت ڪري ڇڏي هئي.
The post معاشي ماهر ڊاڪٽر سلمان شاهه پنجاب جي وڏي وزير جو صلاحڪار مقرر appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment