لاهور مان ٻارڙي اغوا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 22, 2019

لاهور مان ٻارڙي اغوا


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي شاد باغ مان 3 ورهين جي ٻارڙيءَ کي اغوا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس اغوا جو ڪيس داخل ڪري ٻارڙيءَ جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

لاهور جي علائقي شاد باغ ۾ 3 ورهين حبا جنت ماسات سان دڪان تان شئي وٺڻ وئي هئي، جتان اڻ ڄاتل شخص کيس وٺي فرار ٿي ويو، ان حوالي سان هڪ سي سي ٽي ويڊيو منظر تي اچي وئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته اڻ ڄاتل شخص حبا جنت کي ڀاءُ کان ڌار ڪري کيس کڻي فرار ٿي ويو، جڏهن ته حبا جو معصوم ڀاءُ ڀيڻ جي پٺيان ڀڄي رهيو آهي.

باغ پوليس اغوا جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙ شخص جي ننڍي ڏاڙهي آهي سندس جي مٿي تي ٽوپي پهريل آهي، اڇي رنگ جي شلوار قميص پهريل شخص جي عمر 40 کان 45 ورهين جي وچ ۾ آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

هوڏانهن ٻارڙي جي جو چوڻ آهي ته منهنجي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، ٻارڙيءَ جو پيءُ نعمان لوهه جو ڪاروبار ڪندو آهي.

The post لاهور مان ٻارڙي اغوا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages