اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي اجلاس ۾ ملڪ جي اندرين ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي خيال جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ هٿياربند فوجن جا سربراهه، انٽيليجنس اختياريون ۽ وفاقي وزير شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ پاڪ-افغان بارڊر تي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ملڪ جي اندرين توڙي ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي غور ڪيو ويو.
نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عمل لاءِ اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ويو.
نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ وزيراعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڌار ملاقات به ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
The post قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس، سيڪيورٽي صورتحال تي غور appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment