ڊالر مهانگو ٿيڻ سان ترقياتي رٿائن جي لاڳت ۾ وڏي پئمائي تي واڌ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 22, 2019

ڊالر مهانگو ٿيڻ سان ترقياتي رٿائن جي لاڳت ۾ وڏي پئمائي تي واڌ


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿيندي ئي ترقياتي منصوبن جي لاڳت ۾ 9 کرب 45 ارب رپين جي ڳڻتي جوڳي واڌ ٿي وئي.

رپورٽن موجب ڊالر جي قدر ۾ واڌ ۽ ٽيڪنيڪي خامين سبب 134 ترقياتي منصوبن جي لاڳت ۾ واڌ ٿي آهي.

آبي وسيلن واري وزارت جي 22 ترقياتي منصوبن جي لاڳت ۾ 648 ارب 21 ڪروڙ رپيا، اين ايڇ اي جي منصوبن جي لاڳت ۾ 135 ارب 38 ڪروڙ رپيا، ايوي ايشن ڊويزن جي منصوبن جي لاڳت ۾ 15 ارب 12 ڪروڙ رپيا، جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي منصوبن جي لاڳت ۾ 14 ارب 92 ڪروڙ جي واڌ ٿي آهي.

اهڙي ريت گوادر ايئرپورٽ جي لاڳت ۾ 14 ارب 57 ڪروڙ رپيا، گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي لاڳت ۾ 22 ارب 4 ڪروڙ، پاڪستان ريلوي جي انجڻ خريداري واري منصوبي ۾ 32 ارب 79 ڪروڙ ۽ ڪيال کاوڙ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ خيبر پختونخواهه ۾ 19 ارب 1 ڪروڙ رپين جي واڌ ٿي آهي.

دستاويزن موجب پاڪستان ريلوي جي منصوبن تي 57 ارب، نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي لاڳت ۾ 389 ارب، ڪچي ڪينال منصوبي تي 49 ارب 14 ڪروڙ، منگلا ڊيم جي واڌ واري منصوبي ۾ 34 ارب 30 ڪروڙ رپين جي اضافي لاڳت ايندي.

The post ڊالر مهانگو ٿيڻ سان ترقياتي رٿائن جي لاڳت ۾ وڏي پئمائي تي واڌ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages