اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ عيد کانپوءِ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف سڄي ملڪ ۾ رابطا مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اسلام آباد پارٽي اڳواڻن سان گڏجي صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن حڪمران پنهنجو وات بند ڪن ها ته اڄ معيشت جو هي حال نه هجي ها، اڄ به حڪمرانن کي اها صلاح ڏيان ٿو ته جيڪڏهن سچ نٿا ڳالهائي سگهو ته ڪوڙ به نه ڳالهايو.
سندس چوڻ هو ته مهانگائي کي سامهون رکندي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار رپيا ڪئي وڃي ۽ پيٽرول توڙي ڊيزل جي قيمت ۾ غير معمولي اضافو واپس ورتو وڃي، قيمت اها رکي وڃي جيڪا برداشت جوڳي هجي، ايندڙ بجيٽ ۾ ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو وڃي ۽ ڪنهن ٽيڪس جي شرح ۾ اضافو نه ڪيو وڃي.
هن چيو ته آءِ ايم ايف سان شرطن ۾ شڪ ۽ شبها آهن، اهي عوام سامهون رکيا وڃن، سود جي شرح ۾ ڏيڍ سيڪڙو واڌ سان عوام جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿيندي.
هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت ڪِريل آهي، ان کي ڪيرائڻ مقصود ناهي، اصل مسئلو عوام جا مسئلا آهن، اسان جو مقصد حڪومت ٽوڙڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ ناهي، اسان جو هدف عوام جي مسئلن جو حل آهي، آل پارٽيز ڪانفرنس فيصلو ڪندي ته روڊن تي اچڻو آهي يا نه.
سندس چوڻ هو ته عوام جي مسئلن جو حل حڪومت ڪيرائڻ ۾ آهي ته فيصلو اي پي سي ڪندي، مسئلن جو حل چونڊن آهي ته اليڪشن جي مطالبي جو فيصلو به اي پي سي ڪندي.
اڳوڻي وزيراعظم نيب کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته نيب چيئرمين جي اخبار کي انٽرويو جي ترديد اچڻ گهرجي ها، انٽرويو ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون اهي نيب چيئرمين جي اختيار جي دائري ۾ نه ٿيون اچن، اهو انٽرويو نيب جو نه جسٽس صاحب جو آهي، نيب چيئرمين جي پريس ڪانفرنس سان وڌيڪ شڪ پيدا ٿي ويا آهن، ٻن ڏينهن ۾ ان تي پريس ڪانفرنس ڪنداسين.
هن چيو ته اڄ نيب جي حقيقت عوام سامهون اچي وئي آهي، اڄ هر شخص چئي ٿو ته نيب جو عمل انتقامي آهي، احتساب جو نه، اسان جو ڪالهه به ۽ اڄ به اهو ئي موقف آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو، اڄ جيڪڏهن نواز شريف جيل ۾ آهي ته پنهنجي موقف جي ڪري ئي آهي.
سندس چوڻ هو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف عيد کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ رابطا مهم هلائي ويندي، ڪنهن کي ڪرپٽ نٿو سمجهان، ڪرپٽ رڳو اهو آهي جنهن خلاف ثبوت هجن، جيڪڏهن نواز شريف ۽ زرداري خلاف ثبوت آهن ته عدالت ۾ رکو.
The post ن ليگ جو عيد کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ رابطا مهم هلائڻ جو اعلان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment