ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙن آئين کي ڪڏهن عزت ناهي ڏني: شهباز گل - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, May 20, 2019

ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙن آئين کي ڪڏهن عزت ناهي ڏني: شهباز گل


لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان شهباز گل چيو آهي ته مريم نواز جي نظريي ن ليگ کي اتي پهچايو آهي، هڪ ٻي کي چورچور چوندڙ اڄ گڏ ويٺا آهن.

پنجاب جي وڏي وزير جي ترجمان شهباز گل مريم نواز جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته روڊن تي گهلڻ جو نعرو هڻندڙن قوم کي بيوقوف بڻايو، ن ليگ، پ پ ملڪ کي قرضن جي دلدل ۾ ڌڪيو آهي.

شهباز گل جو چوڻ هو ته ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙن آئين کي ڪڏهن عزت ناهي ڏني، شهر ۾ ايماندار ٿاڻيدار اچي وڃي ته سڀ چور گڏ ٿي ويندا آهن.

سندس چوڻ هو ته چور دروازي يا خزاني ۾مان چوري ن ليگ کان بهتر ڪو به ناهي ڄاڻيندو، ن ليگ، پ پ لٽ مار ڪري پرڏيهي مليڪتون ٺاهيون.

هڪ سوال جي جواب ۾ شهباز گل چيو ته همدرديون حمزا شهباز سان سندس مريم نواز کي پارٽي ۾ قبول ڪرڻو ئي پوندو.

The post ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙن آئين کي ڪڏهن عزت ناهي ڏني: شهباز گل appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages