اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين هارون شريف پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
هارون رشيد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ذاتي سببن جي ڪري استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان حوالي سان وزيراعظم کي به آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته پنهنجون خدمتون وڌيڪ جاري نٿو رکي سگهان، عمران خان کي استعيفيٰ موڪلي ڇڏي آهي ۽ منظوري کانپوءِ عهدو ڇڏي ڏيندس.
هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڙپڪاري بورڊ چيئرمين جا ناڻي بابت صلاحڪار حفيظ شيخ ۽ واپار بابت صلاحڪار رزاق دائود سان مختلف معاملن تي اختلاف هئا، جنهن سبب هن پنهنجو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.
The post سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment