نيب کي گهرجي ته… حمزا شهباز وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, May 22, 2019

نيب کي گهرجي ته… حمزا شهباز وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حمزا شهباز چيو آهي ته نيب سياسي جماعت بڻجي عمران نيازي جي جماعت سان گڏجي وڃي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته خبر ناهي رپئي جي ڪيتري بي قدري ٿيندي ۽ ان سبب سڄي ملڪ ۾ بي يقيني جي صورتحال پکڙيل آهي، ملڪ جي معاشي ٻيڙي وچ سمنڊ ۾ لوڏا کائي رهي آهي، انٽرنيشنل مانيٽرنگ ايجنسين ڊڪليئر ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستاني رپيو نيپال ۽ بنگلاديش پر سڄي خطي ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو آهي، پاڪستان ۾ رپيو ڪڏهن به ايترو نه ڪريو جيترو نيازي جي حڪومت ۾ ڪِريو آهي، بجلي ۽ گئس جا اگهه 3 سئو سيڪڙو وڌايا ويا، دوائون 4 سئو سيڪڙو مهانگيون ڪيون ويون آهن.

هن چيو ته اڄ هر ڪو پريشان آهي پر نااهل وزيراعظم  چئي ٿو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، هتي ڪجهه ٺيڪ ٿيڻ وارو ناهي، ڇو ته هتي نااهلن ۽ ڪوڙن جي سرڪار آهي، ڪڏهن الزام هنيا پيا وڃن ته ڪڏهن وري قوم سان ڪوڙ ڳالهائي يوٽرن ورتو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته نيب چيئرمين جو انٽرويو جيڪڏهن حقيقت آهي ته ڏاڍو شرمناڪ آهي، جيڪڏهن توهان کي پريس ڪانفرنسز ۽ انٽرويوز ڏيڻا آهن ته سياسي جماعت ٺاهي ڇڏيو ۽ اها عمران نيازي جي پارٽي سان شامل ڪري ڇڏيو، رهيل ڪسر به پوري ٿي ويندي.

The post نيب کي گهرجي ته… حمزا شهباز وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages