ماسترياڻيءَ جو شاگردياڻي کي وڻ ۾ ابتو ٽنگي تشدد - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 21, 2019

ماسترياڻيءَ جو شاگردياڻي کي وڻ ۾ ابتو ٽنگي تشدد


 

شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) شيخوپورا ڀرسان شاگردياڻي کي وحشياڻو تشدد ڪندڙ ماسترياڻي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

شيخوپورا جي ڳوٺ ملي والا جي اسڪول ۾ ماسترياڻي رفقا سبق ياد نه ڪرڻ تي ٽئين درجي جي شاگردياڻي نورين کي رسي سان ٻڌي وڻ ۾ ابتو ٽنگي تشدد جو نشانو بڻايو.

واقعي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن تي شهرين سخت ردعمل جو اظهار ڪندي ماسترياڻي جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.

آر پي او ۽ ڊي پي او واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ ڊپٽي ضلعي آفيسر طرفان مڪمل جاچ کانپوءِ پوليس جي فرياد تي شرقپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ماسترياڻي کي گرفتار ڪيو ويو.

هوڏانهن سي اي او ايجوڪيشن افتخار خان ماسترياڻي خلاف ڪارروائي کان انڪار ڪندي چيو ته ڄاڻايل اسڪول پنجاب ايجوڪيشن فائونڊيشن جي انتظام هيٺ آهي، جيڪو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن اٿارٽي جي اختيارن جي دائري ۾ نٿو اچي، تنهن ڪري ماسترياڻي خلاف ڪارروائي نٿا ڪري سگهون.

The post ماسترياڻيءَ جو شاگردياڻي کي وڻ ۾ ابتو ٽنگي تشدد appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages