اوريلنڊ (ويب ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ سمارٽ فونن ۽ ٽيبليٽس جي ڊوڙ جاري آهي ۽ هاڻي ان ڏس ۾ لينوو هڪ حيران ڪري ڇڏيندڙ خبر دنيا جو پهرين فولڊ ايبل پي سي يا ليپ ٽاپ جي صورت ۾ ڏني آهي ۽ ان جي هڪ جهلڪي به ڏيکاري وئي آهي.
اورلينڊو ۾ ٿيل لينووو جي هڪ تقريب ۾فولڊنگ پي سي پيش ڪيو ويو آهي جيڪو ننڍي اسڪرين جو ليپ ٽاپ، وڏي اسڪرين جو ڊيسڪ ٽاپ، ڪتاب جهڙو ٽيبليٽ ۽ اسٽائلس آپريٽڊ اسڪيچ بڪ ۾ به تبديل ٿي ويندو آهي.
جيتوڻيڪ ان فولڊنگ ليپ ٽاپ کي باضابطا طور تي ڪو به نالو ناهي ڏنو ويو پر ان کي ٿنڪ پيڊ ايڪس ون فيملي تحت پيش ڪيو ويندو.
غور سان ڏسڻ تي لڳندو آهي ته ڄڻ 13 انچ جي ٻن ليپ ٽاپس پاڻ ۾ ڳنڍيو ويو آهي. هدايتن لاءِ ان ٽچ اسڪرين آهي جيڪو او ايل ڊي سان ٺاهيل آهي ۽ ٽو جي ريزولوشن فراهم ڪندو آهي. اهو ونڊوز تي هلندو آهي ۽ ان جي بيٽري موجب دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اها 24 ڪلاڪن تائين ڪم ڪندي ۽ پاسي ۾ يو ايس بي پورٽ به موجود اٿس.
لينووو ان کي مڪمل پي سي قرار ڏنو آهي. اسڪرين هيٺان هڪ ٽچ اسڪرين جو بورڊ آهي پر اهو بلوٽوٿ جي بورڊ ۽ مائوس سان به ڳنڍجي سگھي ٿو. ان جي ڊسپلي هڪ کان وڌيڪ مانيٽر تي به ڏسي سگھجي ٿي.
لينو ان ايجاد جي هڪ ننڍي ويڊيو به جاري ڪئي آهي.
پر نون ڪمپيوٽرن جي تجزياڪارن جو چوڻ آهي ته پنهنجي سڀني خوبين باوجود لينوو جي ان اهم ايجاد کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ ئي ان جي فائدن بابت ڪجهه چئي سگھجي ٿو. هنن اهو به اعتراف ڪيو آهي ته ڪاميابي جي صورت ۾ اهو هڪ زبردست ليپ ٽاپ هوندو. هن وقت تائين ان جي هڪ ئي جهلڪي ڏيکاري وئي آهي. ۽ ان جي اگھه بابت ڪو به اشارو ناهي ڏنو ويو. واضح رهي ته 2020ع تائين اهو عام وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
The post دنيا جي پهرين فوڊ ايبل ليپ ٽاپ جو اعلان ٿي ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment