ڪنهن به غير امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: آرمي چيف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 18, 2019

ڪنهن به غير امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: آرمي چيف


 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه قمر جاويد باجوا چيو آهي ته اسان ڪنهن به غير امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ۽ اوڀر سرحد تي به چوڪس آهيون.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ افغان سرحد تي مٿين پوسٽن جو دورو ڪيو. هن دادو توئي اتر وزيرستان ۾ ايندڙ چوڪين جو دورو ڪيو، جتي پهرين مئي تي سرحد پار کان ٿيندڙ دهشتگرد حملي ۾ پاڪ فوج جا 3 جوان شهيد ٿي ويا هئا.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته پاڪ فوج جي سربراهه کي پاڪ افغان بارڊر تي خاردار تار لڳائڻ، آپريشن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي ۽ سماجي ترقي جي منصوبن توڙي ٽي ڊي پيز جي بحالي بابت به آگاهه ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويدا باجوا علائقي ۾ استحڪام لاءِ ڪردار ۽ جوانن جي بلند حوصلن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان افغان مفاهمتي عمل جي ڪاميابي ۽ خطي ۾ امن لاءِ هاڪاري ڪردار جاري رکندو.

سندس چوڻ هو ته اسان ڪنهن به اڻ امڪاني صورتحال لاءِ تيار آهيون، اوڀر سرحد تي به چوڪس آهيون ۽ پيشيواراڻيون تياريون هلندڙ آهن، اثرائتي بارڊر مئنيجمينٽ لاءِ سرحدي خاردار تار سان گڏ ايف سي قلعن جي اڏاوت به جاري آهي.

هن چيو ته پاڪستان هاڻ به چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي پر ايترا ناهن جيڪي ڪجهه وقت اڳ هئا، ڪاميابي ڏانهن سفر جاري رکڻ لاءِ اسان کي صبر، عزم ۽ ٻڌي جي ضرورت آهي.

The post ڪنهن به غير امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: آرمي چيف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages