![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2019/05/china-offers-pakistan-clean.jpg)
![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2019/05/china-offers-pakistan-clean.jpg)
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين پاڪستان جي 15 سئو اسڪولن ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي جڏهن ته پاڪستان جي تجويز ڪيل ميڊيا يونيورسٽي ۾ سهڪار فراهم ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي آهي.
سائنس ٽيڪنالوجي وزير فواد چوڌري سان نائب چيني سفير ۽ چيني اڪيڊمڪ سائنس جي وفد ملاقات ڪئي. جنهن دوران چين پاڪستان جي 15 سئو اسڪولن ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي.
چيني وفد جو چوڻ هو ته چين پاڪستان جي تجويز ڪيل ميڊيا يونيورسٽي کي آءِ ٽي ۾ سهڪار فراهم ڪندو. چيني نائب سفير پاڪستاني شهرين کي تربيتي پروگرامن لاءِ چين موڪلڻ تي زور ڏنو.
فواد چوڌري چيو ته چين پاڪستان جي ليبارٽرين کي عالمي معيار موجب قائم ڪرڻ مدد ڪري.
The post چين طرفان پاڪستاني اسڪولن ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ جي آڇ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment