![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2019/05/fawad-chaudhry-lunar-calend.jpg)
![](https://awamiawaz.pk/wp-content/uploads/2019/05/fawad-chaudhry-lunar-calend.jpg)
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري جي هدايت تي قمري ڪيلينڊر تيار ڪيو ويو آهي جنهن مهيني رمضان ۾ ئي جاري ڪيو ويندو.
سائنس ۽ ٽيڪنالوجي وزارت سائنسي بنيادن تي قمري ڪيلنڊر تيار ڪري ورتو آهي، پهريون روزو ۽ عيد ڪڏهن ٿيندي قمري ڪيلينڊر سان 5 سال اڳ ئي خبر پئجي ويندي.
وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته رمضان مهيني ۾ ئي قمري ڪيلينڊر جاري ڪنداسين، وفاقي وزير اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيرمين سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ڪيلنڊر بابت آگاهه ڪيو.
ذريعن موجب اسلام نظرياتي ڪائونسل کان منظوري بعد قمري ڪيلنڊر وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو.
فواد چوڌري ڪيلنڊر جاري ڪرڻ کان اڳ عالمن سان به صلاح مشورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، صلاح مشوري لاءِ مفتي منيب الرحمان ۽ مفتي پوپلزئي کي دعوت ڏني ويندي.
The post وفاقي وزير فواد چوڌري جي هدايت تي قمري ڪيلنڊر تيار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment