بلاول ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ رابطو، ايندڙ هفتي ملاقات تي اتفاق - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, August 4, 2019

بلاول ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ رابطو، ايندڙ هفتي ملاقات تي اتفاق


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي، جنهن ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان بلاول ڀٽو زرداري کي فون ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن حڪومت کي بي نقاب ڪرڻ جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن ايندڙ هفتي ملاقات تي پڻ اتفاق ڪيو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سينيٽ اليڪشن ۾ حڪومت کي بي نقاب ڪرڻ اپوزيشن کي اخلاقي فتح آهي، حڪومت جو غير جمهوري رويو حقيقت ۾ اپوزيشن جي ڪاميابي آهي.

The post بلاول ۽ مولانا فضل الرحمان ۾ رابطو، ايندڙ هفتي ملاقات تي اتفاق appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages