وقت اچي ويو آهي ته مذمتي بيانن کي اڳتي وڌڻ گهرجي: سراج الحق - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, August 4, 2019

وقت اچي ويو آهي ته مذمتي بيانن کي اڳتي وڌڻ گهرجي: سراج الحق


 

پشاور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پاڪستاني قوم ڪشميرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي، ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني کي خاطري ڪرايون ٿا ته پاڪستان انهن سان گڏ آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي سينيٽر سراج الحق چيو ته ايل او سي تي ڀارتي شر پسندي وڌي وئي آهي، عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي.

هن چيو ته ڀارت خطي کي جنگ جي باهه ۾ ڌِڪڻ چاهي ٿو، ڪلسٽر بمن سان وڏي تباهي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، رت جي آخري ڦڙي تائين ڪشميرين جو ساٿ ڏينداسين، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته حڪمرانن کي مذمتي بيانن کان اڳتي وڌڻ گهرجي.

The post وقت اچي ويو آهي ته مذمتي بيانن کي اڳتي وڌڻ گهرجي: سراج الحق appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages