

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسڪينڊل ڪوئين راکي ساونت نيٺ پنهنجي شادي جي تصديق ڪري ڇڏي.
40 ورهين جي راکي ساونت پنهنجي شادي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته مان تازو هڪ نجي تقريب ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي آهيان ۽ منهنجو مڙس ڀارت ڄائو برطانوي شهري آهي.
واضح رهي ته گذريل هفتي راکي ساونت جي شادي جون خبرون منظر تي آيون هيون پر اداڪارا ان خبرن جي ترديد ڪندي چيو هو ته مون اشتهار لاءِ شادي جو فوٽو شوٽ ڪرايو هو.
هاڻ راکي سچ ٻڌائيندي چيو آهي ته مان ڊڄي وئي هئس پر اڄ ان خبر جي تصديق ڪريان ٿي ته مون شادي ڪري ڇڏي آهي.
هن پنهنجي مڙس بابت ٻڌائيندي چيو ته منهنجي مڙس جو نالو رتيش آهي ۽ هو برطانيا ۾ رهندو آهي، مڙس اڳ ئي اتي وڃي چڪو آهي ۽ منهنجي ويزا تياري جي مرحلي ۾ آهي، مان به جلد ئي وٽس پهچي وينديس.
شادي کان پوءِ فلم انڊسٽريءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان راکي ساونت ٻڌايو ته مان جڏهن به ڀارت اينديس ته پنهنجو ڪم جاري رکنديس، منهنجي شروع کان وٺي ٽي وي شو پروڊيوس ڪرڻ جي خواهش هئي ۽ هاڻ لڳي ٿو ته منهنجو پراڻا خواب پورو ٿي ويندو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته خدا مون کي تمام سٺو مڙس ڏنو آهي، منهنجي مڙس جڏهن منهنجو انٽرويو ٽي وي تي ڏٺو ته منهنجو مداح ٿي ويو، جنهن کان پوءَ اسان جو رابطو ٿيو ۽ اسان سٺا دوست ٿي وياسين، رتيش سان ڊيگهه کان پوءِ مان سندس زال بڻجڻ جي دعا ڪندي هئس ۽ هاڻ منهنجي اها دعا به پوري ٿي وئي آهي، رب پاڪ مون تي تمام گهڻو مهربان آهي.
The post راکي ساونت شادي جي تصديق ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment