

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته ڪشميرين تي زمين تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جو هر جوان، بزرگ ۽ ٻار ٻچو ڪشميرين سان گڏ آهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد سعيد چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جاري آهي ۽ گذريل ٻن ڏينهن ۾ اسان ڪيترائي ڪشميري ڀائر شهيد ۽ زخمي ٿيا، هر پاڪستاني ڪشميرين سان گڏ آهي، اسان عالمي سطح تي به ڪشميرين جو ڪيس وڙهنداسين.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ کي صاف ۽ سرسبز بڻائڻ جي مهم جي شروعات ڪندي وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن سانوڻي جي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪندو، اسان کي ملڪ سرسبز بڻائڻ سان گڏ سياسي ڪچرو به صاف ڪرڻو آهي.
The post ملڪ جو ٻار ٻچو ڪشميرين سان گڏ آهي: مراد سعيد appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment