

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاره مايا علي نئين ايندڙ پنهنجي فلم(پري هٽ لو) ۾ پنهنجي ڪردار بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
انٽرويو ڏيندي اداڪارا ٻڌايو ته منهنجي فلم”پري هٽ لو“ ۾ ثانيه نالي هڪ بردبار ۽ مضبوط ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهيان جيڪا هڪ اعليٰ سوچ ۽ پنهنجو فيصلو پاڻ ڪندڙ ڇوڪري هوندي آهي، هن کي اها به خبر هوندي آيه آهي ته ڇا سٺو آهي ۽ ڇا خراب سڀني کان اهم ڳالهه ته ثانيا پنهنجي خاندان جي اهميت به سمجهي آهي.
هن چيو ته هر ڪردار جو منهنجي زندگي تي گهرو اثر هوندو آهي ۽ آئون ذاتي طور تي اهو محسوس به ڪندي آهيان ته فلم ”پري هٽ لو“ ۾ ثانيا جو ڪردار جيڪو آئون ادا ڪري رهي آهيان اهو گھڻو مضبوط ڪردار آهي ۽ ان ڪردار کي مون سان ڀيٽي سگھجي ٿو.
مايا علي چيو ته فلم ۾ شهريار سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو تمام سٺو رهيو. شوٽنگ دوران ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ سڀ ڪجهه پاڻ ٿي رهيو آهي ۽ اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪيمسٽري تعريف جوڳي آهي.
واضح رهي ته عاصم رضا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم”پري هٽ لو“ ۾ مايا علي، شهريار، منور، نديم بيگ، زارا نور، حنا دلپذير ۽ احمد بٽ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندا.
جڏهن ته فلم هلندڙ مهيني عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سئنيما گهرن جي زينت بڻبي.
The post مايا علي فلم “پري هٽ لو” ۾ پنهنجي ڪردار بابت ٻڌائي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment