بالي ووڊ جي شخصيتن جو ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, August 5, 2019

demo-image

بالي ووڊ جي شخصيتن جو ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار

Zaira-Waseem
Zaira-Waseem

ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪومت طرفان والاريل ڪشمير جي آزاد خاص حيثيت جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ تي بالي ووڊ جي شخصيتن به احتجاج ڪيو.

والاريل ڪشمير کي آزاد خاص حيثيت ڏيندڙ آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ تي والاريل ڪشمير جي سياسي قيادت سميت ڀارت جي ڪيترن ئي سياستدانن به ان عمل جي مذمت ڪئي آهي.

سياسي شخصيتن جيان فلمي ۽ فيشن شخصيتن به نريندر مود جي حڪومت جي ان عمل کي غلط قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي ۽ ان ڳالهه تي خدشا ظاهر ڪيا ته ان عمل سان ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿيندي.

والاريل ڪشمير مان آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ ٿيڻ تي ڀارتي فلم انڊسٽري به احتجاج ريڪارڊ ڪندي نظر آئي.

ٿورو ئي عرصو اڳ بالي ووڊ کي الوداع ڪندڙ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي اداڪارا زائره وسيم به آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ تي وادي جي ماڻهن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو.

زائره وسيم پنهنجي مختصر ٽوئيٽ ۾ چيو ته  ”  اِهو وقت به گذري ويندو.“

زائره وسيم جيان بالي ووڊ جي اداڪارا ديا مرزا به والاريل ڪشمير جي ماڻهن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ۽ هن ”اسٽينڊ ود ڪمشير“ جو ٽيگ به استعمال ڪيو.

آل انڊيا رينيمول ڪانگريس جي ميمبر ۽ اداڪارا نغمه به والاريل ڪشمير جي آزاد حيثيت ختم ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هن ڀارتي جنتا پارٽي جي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

نغمه ڀارتي حڪومت کان سوال ڪيو ته ڇو وادي ڪشمير ۾ انٽرنيٽ کي بند ڪري ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ڇو ماڻهن کي هراسان ڪري تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي؟

ديا مرزا وڌيڪ لکيو ته ” منهنجا خيال ۽ سوچون ڪشمير سان گڏ آهن.“

اداڪار ۽ فلم پروڊيوسر سنجي سوري به وادي جي ماڻهن سان ٻڌي جو اظهار ڪيو.

فلم پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر عنير به وادي جي ماڻهن سان ٻڌي جوا ظهار ڪندي والاريل ڪشمير جي حالتن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.

هن سڄي وادي ۾ غير يقيني واري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو وڌيڪ تشدد ۽ ڇڪتاڻ جو هڪ نئون دور ڏسڻ جو خواهشمند ناهي.

هن به ” اسٽينڊ ود ڪشمير“ جو هيش ٽيگ استعمال ڪندي وادي جي امن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

The post بالي ووڊ جي شخصيتن جو ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages