فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ٽي 20 ڪپ ۾ آصف علي جي جارحاڻي اننگز زيان ٿي وئي ۽ احمد شهزاد جي ناٽ آئوٽ سينچري جي ڪري سينٽرل پنجاب ناردرن پنجاب کي شڪست ڏئي ڇڏي.
فيصل آباد ۾ کيڏيل هاءِ اسڪورنگ ميچ ۾ ناردرن پنجاب پهريان بيٽنگ ڪندي 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 222 رنسون اسڪور ڪيون.
ناردرن پنجاب جي ٽيم 23 رنسن تي روحيل نذير ۽ نويد ملڪ جون وڪيٽون وڃائي چڪي هئي، جڏهن ته 59 جي مجموعي اسڪور تي ڪپتان عمر امين به 38 رنسون اسڪور ڪري پويلين موٽي ويو.
ان موقعي تي محمد نواز جو ساٿ ڏيندي آصف علي ڪريز تي پهتو ۽ ٻنهي رانديگرن جارحاڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪري ميچ جو نقشو ئي مٽائي ڇڏيو.
ٻنهي 9 اوورن ۾ 107 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري پنهنجي ٽيم کي وڏي اسڪور تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
نواز 35 بالن تي 4 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 50 رنسن جي اننگز کيڏي پر اها آصف علي جي اننگز هئي، جنهن سينٽرل پنجاب جي بالرن جا پگھر ڪڍي ڇڏيا.
هي به پڙهي سگھو ٿا: آءِ سي سي زمبابوي ڪرڪيٽ بورڊ تان پابندي ختم ڪري ڇڏي
آصف رڳو 35 بالن تي 10 ڇڪن ۽ چئن چوڪن جي مدد سان 93 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ بدقسمتي سان 7 رنسن جي فرق تان سينچري مڪمل نه ڪري سگهيو.
آخري اوور ۾ عماد وسيم ٻن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان پنجن بالن تي 22 رنسون ٺاهيون، جنهن جي ڪري ناردرن پنجاب جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 222 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهي.
سينٽرل پنجاب طرفان فهيم اشرف 3 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.
جواب ۾ سينٽرل پنجاب جي اننگز جي شروعات گھڻي خراب رهي ۽ 17 رنسن تي بابراعظم ۽ ڪامران اڪمل پويلين موٽي ويا.
هي به پڙهي سگھو ٿا: بابر ۽ امام بهترين ڪپتان ثابت ٿي سگھن ٿا: عمران نذير
سينٽرل پنجاب جي ٽيم وقفي وقفي سان وڪيٽون وڃائيندي رهي پر ٻئي اينڊ تي احمد شهزاد ڀت بڻجي بيٺو رهيو ۽ پنهنجي ٽيم کي اڪيلي سر ڪامياب ڪرائي ڇڏيو.
رضوان حسين 20، سعد نسيم 29 ۽ فهيم اشرف 28 رنسن سان اڳڀرا رهيا پر احمد شهزاد 63 بالن تي ٽن ڇڪن ۽ 16 ڇوڪن جي مدد سان ناٽ آئوٽ 111 رنسن جي اننگز کيڏي پنهنجي ٽيم کي هڪ بال اڳ ۾ ڪاميابي ڏياري ڇڏي.
ناردرن پنجاب طرفان عماد وسيم ٽي ۽ سهيل تنوير ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
احمد شهزاد کي شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
Home side race to 70 in five overs. Northern managed to bag two wickets. This has been an eventful power play. #CPvNOR LIVE: https://t.co/vvSGvhqoyH#NationalT20Cup pic.twitter.com/b7EDKYrYQy
— National T20 Cup 2019 (@TheRealPCB_Live) October 15, 2019
The post آصف جي محنت زيان، شهزاد اڪيلي سر ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment