صلاح الدين جي پيءُ پوليس اهلڪارن کي معاف ڪري ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, October 15, 2019

صلاح الدين جي پيءُ پوليس اهلڪارن کي معاف ڪري ڇڏيو


صلاح الدين

 

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) رحيم يار خان ۾ پوليس جي حراست ۾ مري ويل صلاح الدين جي پيءُ قتل ڪيس ۾ شامل پوليس اهلڪارن کي معاف ڪري ڇڏيو.

فيصل آباد ۾ اي ٽي ايم مان پئسا چوري ڪندڙ جوابدار صلاح الدين پهرين سيپٽمبر تي رحيم يار خان پوليس جي حراست ۾ مارجي ويو هو.

واقعي کانپوءِ جاچ لاءِ جڊيشل ڪميٽي جوڙي وئي هئي پر هاڻ صلاح الدين جي پيءُ پوليس اهلڪارن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: صلاح الدين کي تشدد ڪري مارڻ جي تصديق

پوليس موجب محمد افضال ڳوٺ گورالي جي مسجد ۾ معافي جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ذيشان حنيف به موجود هو.

صلاح الدين جي پيءُ جو چوڻ هو ته مان الله جي رضا لاءِ پوليس اهلڪارن کي معاف ڪيو آهي.

واضح رهي ته صلاح الدين جي پوليس حراست ۾ مري وڃڻ جي واقعي کانپوءِ ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ڊي ايس پي سميت ٻين ملوث اهلڪارن کي معطل پڻ ڪيو ويو هو.

پوليس جي اعليٰ اختيارين صلاح الدين تي تشدد کان انڪار ڪيو هو پر فرانزڪ رپورٽ ۾ تشدد جي تصديق ٿي هئي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو هو ته صلاح الدين جي جسم تي 3 کان 4 ۽ 5 سينٽي ميٽرن جا تشدد جا نشان مليا، سندس ڪنڌ، ڪلهي، گوڏي، ساڄي اک ۽ کاٻي ڄنگهه تي تشدد جا نشان موجود هئا، جڏهن ته صلاح الدين جي ڦڦڙن ۾ اهڙي ڪيميڪل جي نشاندهي ٿي، جنهن سان سندس گڙدا سُڪي ويا.

فرانزڪ رپورٽ موجب صلاح الدين جو موت ذهني ۽ جسماني تشدد سبب ٿيو هو.

 

The post صلاح الدين جي پيءُ پوليس اهلڪارن کي معاف ڪري ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages