گجرات جي شاپنگ مال ۾ باهه، عورت ۽ ٻارڙي سڙي فوت - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 16, 2019

گجرات جي شاپنگ مال ۾ باهه، عورت ۽ ٻارڙي سڙي فوت


 

گجرات (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر گجرات جي ڀڀر روڊ تي شاپنگ مال ۾ باهه لڳڻ سبب عورت ۽ ٻارڙي سڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

گجرات ۾ وڏي عمارت ۾ باهه جي نتيجي ۾ هڪ عورت ۽ 10 ورهين جو ٻارڙي سڙي فوت ٿي ويون، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو.

13 فائر برگيڊ جا 100 اهلڪار باهه وسائڻ جي عمل ۾ مصروف رهيا، عمارت جي هيٺئين حصي کي علي الفجر باهه وڪوڙي وئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي سڄي عمارت ۾ پکڙجي وئي.

عمارت جي گرائونڊ فلور تي شاپنگ سينٽر ۽ آفيسون، جڏهن ته مٿين ماڙن تي رهائشي فليٽ موجود آهن.

باهه سبب زخمي ٿيندڙ 5 ڄڻن کي عزيز ڀٽي اسپتال نيو ويو، جڏهن ته واقعي جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا.

The post گجرات جي شاپنگ مال ۾ باهه، عورت ۽ ٻارڙي سڙي فوت appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages