اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس گلزار احمد ڪراچي پوليس جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪراچي پوليس کي فائر هڪڙي پاسي ڪرڻو هوندو آهي پر بندوق ٻئي پاسي هوندي آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ٻارڙي امل بابت پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس گلزار احمد سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ اسپتالن جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ اسپتالن جو ڪم آهي ته مريض کي دوائون فراهم ڪن، دوائن لاءِ قطار ۾ بيٺل وارثن جا مريض الله کي پيارا ٿي ويندا آهن، ايمرجنسي ۾ مريض جي وارثن کي دوا لاءِ موڪليو ويندو آهي.
هي به پڙهي سگهو ٿا: ڀارتي سپريم ڪورٽ بابري مسجد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو
هن ريمارڪس ڏنا ته ڪالا پل تي هن وقت به نشائي سُتا پيا هوندا، پوليس جي نَڪ هيٺان منشيات جو ڌنڌو ٿيندو آهي، ڪراچي ۾ ٽريفڪ سنگل تي بيٺل ماڻهو ڦرجي ويندا آهن، هٿيار رڳو پوليس آفيسرن وٽ هجڻ گهرجن اهلڪارن وٽ نه، ڪراچي پوليس کي فائر هڪڙي پاسي ڪرڻو هوندو آهي ۽ بندوق ڪنهن ٻئي پاسي هوندي آهي، ڪراچي پوليس جي فائرنگ ۾ اڳ به ڪيترائي ماڻهو مارجي چڪا آهن.
ان موقعي تي امل جي والدين جي وڪيل ٻڌايو ته نيشنل ميڊيڪل سينٽر جي رجسٽريشن ئي امل جي مارجڻ کانپوءِ ٿي.
جسٽس گلزار احمد چيو ته هيلٿ ڪيئر ڪميشن ايڪٽ 2013 ۾ ٺهيو پر عمل 4 سالن کانپوءِ شروع ٿيو، ايڪٽ 4 سال الماڙي ۾ پيل رهيو، ان جو ذميوار ڪير آهي؟
سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته سنڌ ۾ هن وقت ڪا اسپتال لائسنس رکندڙ ناهي، نجي اسپتالن جي رجسٽريشن جاري آهي، جنهن کانپوءِ لائسنس جاري ڪرڻ جو مرحلو ايندو.
عدالت سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن کي امل واقعي ۾ نيشنل ميڊيڪل سينٽر خلاف انڪوائري جو حڪم ڏيندي هڪ مهيني ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو چيو، ان سان گڏوگڏ عدالت سنڌ حڪومت کي امل عمر ايڪٽ تي عمل جو حڪم ڏيندي ٻارڙي جي والدين کي امدادي رقم نه ڏيڻ تي به جواب طلب ڪري ورتو ۽ ٻڌڻي هڪ مهيني لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
آئی جی سندھ ڈاکٹرسید کلیم امام کی رہنما ہدایات پر پولیس ہیڈکوارٹرز گارڈن ساؤتھ میں ایک خصوصی آگاہی ورکشاپ کا انعقاد کیا گیا جس کے تحت ڈاکٹر مسعود نے پولیس افسران اور جوانوں کو ڈینگی وائرس اور اس سے محفوظ رہنے سے متعلق احتیاطی تدابیر سے آگاہ کیا۔#sindhpolicedmc pic.twitter.com/rzNEUe3Qtq
— Sindh Police (@sindhpolicedmc) October 17, 2019
The post جسٽس گلزار احمد سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي پوليس تي ڏمرجي پيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment