اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم جي دورن کانپوءِ هاڻ ايران ۽ سعودي عرب ۾ جنگ جا ڪَڪر وکري رهيا آهن.
ايران ۽ سعودي عرب جي دورن بابت پرڏيهي وزرات ۾ پريس بريفنگ دوران شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جا ٻنهي ڀائر ملڪن سان سٺا لاڳاپا آهن، هڪ دوست ۽ ٻيو پاڙيسري ملڪ آهي، ڪجهه اهڙا واقعا ٿيا، جن سان ڇڪتاڻ وڌي پر خطي جي بگڙجندڙ صورتحال تي وزيراعظم پاڻمرادو هڪ قدم کنيو، پاڪستان فيصلو ڪيو ته اسان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڇو ته خطو اهڙين حالتن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن حالتون خراب ٿيون ته نه رڳو ٻئي ملڪ پر دنيا متاثر ٿيندي، انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکندي اسان دورن جو فيصلو ڪيو.
هي به پڙهي سگهو ٿا: مولانا کي ڪيئن روڪجي…؟ حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو
هن ٻڌايو ته وزيراعظم جون ايراني قيادت سان ويهڪون انتهائي بهتر ماحول ۾ ٿيون، ايران واضح ڪيو ته انهن جي سعودي عرب سان دشمني ناهي ۽ سڌي ريت يا ڪنهن ذريعي ڳالهين لاءِ تيار آهي، اها سوچ کڻي اسان سعودي وياسين ۽ اتان جي قيادت سان ويهڪون ڪيون، انهن دورن کانپوءِ اسان جي جنگ جا ڪڪر ختم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ٻنهي ويهڪن ۾ ايراني ۽ سعودي قيادت جا ٿورا مڃياسين، ايران جي سپريم ليڊر واضح ڪيو ته ڪشمير معاملي تي اسان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي، اهڙي ريت سعودي عرب به ان معاملي تي اسان جي حمايت ڪئي.
شاهه محمود قريشي ڪشمير معاملي تي ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته وادي جو دورو ڪندڙ انساني حقن جي عورتن جي رپورٽ سامهون اچي چڪي آهي، انهن انساني حقن جي ڪارڪنن چيو ڀارت کي اندازو ناهي ته ان ڪنهن حد تائين ڪشميري عوام کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي، ڀارت 24 ڪلاڪن ۾ ئي پوسٽ پيڊ موبائل سروس ايس ايم ايس بند ڪري ڇڏي.
پرڏيهي وزير حڪومت مخالف مارچ جي حوالي سان چيو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سياسي معاملا سياسي طريقي سان حل ڪيا ويندا، بچاءَ واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا مولانا فضل الرحمان سان ڳالهيون ڪندي.
وزیر اعظم @ImranKhanPTI کی زیر صدارت امن و امان کے حوالے سے جائزہ اجلاس
ملکی داخلی سیکورٹی صورتحال اور عوام کے جان و مال کے تحفظ کے حوالے سے گفتگو
آنے والے دنوں میں پاکستان کا دورہ کرنے والے غیر ملکی سربراہان کے لیے کیے گئے سیکورٹی انتظامات پر بھی وزیر اعظم کو بریفنگ دی گئی pic.twitter.com/YPmk5Qe1Em
— PTI (@PTIofficial) October 16, 2019
The post ”وزيراعظم جي دورن کانپوءِ ايران ۽ سعودي ۾ جنگ جا ڪَڪر وکري رهيا آهن“ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment