لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت ريلوي واري اڳوڻي وفاقي وزير سعد رفيق ۽ سندس ڀاءَ اڳوڻي صوبائي وزير خواجا سلمان رفيق جي پيراگون سٽي اسڪينڊل ۾ فرد جرم ختم ڪري بريت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
احتساب عدالت جي جج جواد الحسن گذريل ٻڌڻي ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو ۽ ٻنهي جوابدارن جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ واڌ به ڪري ڇڏي.
خيال رهي ته احتساب عدالت 4 سيپٽمبر تي پاڪستان مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي ميمبر خواجا سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر خواجا سلمان رفيق جي خلاف پيراگون هائوسنگ سوسائٽي ۾ مبينا بي ضابطگين تي داخل ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي هئي.
جنهن تي خواجا ڀائرن طرفان سندس وڪيل عدالت کان اپيل ڪئي هئي ته درخواستگذآرن جي فرد جرم ختم ڪري انهن کي الزام مان آزاد ڪيو وڃي.
هي به پڙهي سگهو ٿا:پيراگون ريفرنس: خواجا ڀائرن بابت عدالت جو وڏو حڪم
پنهنجي درخواست جي حق ۾ دليل ڏيندي هن چيو ته ذاتي واپار جو تڪرار نيب آرڊيننس 1999ع جي اختيار واري دائري ۾ نٿو اچي، جڏهن ته درخواستگذارن جي خلاف سرڪاري آفيسرن جي حيثيت سان قومي ناڻي جي غلط استعمال جا ڪي به ثبوت موجود ناهن.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع جي تحت انهن معاملن جي نگراني ڪرڻ سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن پاڪستان جو ڪم آهي.
پر نيب پراسيڪيوٽر حافظ اسد الله اعواڻ بريت جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو هو ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو حڪم موجود آهي ته ٽرائل ڪورٽ فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان پوءِ ان قسم جي درخواستن جي ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي.
جنهن تي احتساب عدالت 14 آڪٽوبر تي فيصلو محفوظ ڪندي اربع جي ڏينهن ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو هو.
ہمیں انصاف نہیں ملا.ہمیں احتساب کے نام پر مسلسل انتقام کا نشانہ بنایا جارہا ہے ہمارا گناہ یہ ہے کہ ہمارے والد نے تحریک پاکستان میں اپنا حصہ ڈالا جمہوریت کیلیے خون دیا والدہ نے جمہوریت کیلیے مشرف دور میں جان دے دی.ہم نے جیلیں کاٹی تشدد برداشت کیا لیکن یہ پہلی بار نہیں ہے. pic.twitter.com/p9OSkorfzj
— PML(N) (@pmln_org) October 16, 2019
The post خواجا ڀائرن جي بريت واري درخواست رد….! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment