

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي ٻن نون ميمبرن جي مقرري جو معاملو پارليامينٽ موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٻن نون ميمبرن جي مقرري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
وفاق عدالت ۾ جواب جمع ڪرائيندي چيو ته ان ئي نوعيت جي هڪ درخواست سپريم ڪورٽ ۾ به داخل آهي، تنهن ڪري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تائين هاءِ ڪورٽ ٻڌڻي نه ڪري.
چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اهو عام مفاد جو معاملو آهي، اليڪشن ڪميشن تقريبن نان فنڪشنل ٿي چڪي آهي، ڇا رڳو سپريم ڪورٽ ۾ معاملو هجڻ سبب ٻڌڻي روڪي سگهجي ٿي، ڇا پارليامينٽ ايڏو ننڍو معاملو به حل نٿي ڪري سگهي، قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي صلاح مشوري سان مسئلو حل ڪرڻ گهرجي.
هي به پڙهي سگهو ٿا: اليڪشن ڪميشن ميمبرن تي مقرري تي وزيراعظم هائوس ۽ ايوان صدر کان جواب طلب
هن وڌيڪ چيو ته ڇا وفاقي حڪومت اڃا تائين ڊيڊ لاڪ جو دفاع ڪرڻ چاهي ٿي، ڪير چوندو ته پارليامينٽ جي فورم تي اهو معاملو حل نه ٿيڻ گهرجي، اسان کي پارليامينٽ تي اعتماد آهي، اها ان معاملي کي حل ڪندي، آئيني ادارن کي نان فنڪشنل نه ٿيڻ گهرجي، قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين ڪوشش ڪن ته اليڪشن ڪميشن نان فنڪشنل نه ٿئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ معاملي کي پارليامينٽ موڪلڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين ڊيڊ لاڪ کي ختم ڪرائن ۽ اليڪشن ڪميشن کي نان فنڪشنل (غير فعال) ٿيڻ کان بچائن.
واضح رهي ته حڪومت اپوزيشن جي رضامندي کانسواءِ اليڪشن ڪميشن جي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻن ميمبرن خالد محمود صديقي ۽ منير احمد ڪاڪڙ کي مقرر ڪيو هو، جڏهن ته اپوزيشن ٻنهي جون مقرريون رد ڪري ڇڏيون آهن.
هوڏانهن چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان به ٻنهي نون ميمبرن جي مقرري کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي نون ميمبرن کان حلف وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي.
Islamabad High Court decided that the matter pertaining to appointment of two new Election Commission of Pakistan (ECP) members should be decided in the Parliament.https://t.co/wQ6rMTnz2e
— Saqib bashir (@saqibbashir156) October 14, 2019
The post اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي مقرري جو معاملو پارليامينٽ حوالي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment